تنهنجي ڳليءَ جون ڳالهڙيون- ڪتاب

تنهنجي ڳليءَ جون ڳالهڙيون- ڪتاب

تنهنجي ڳليءَ جون ڳالهڙيون

تنهنجي ڳليءَ جون ڳالهڙيون (ڪتاب ):هي سنڌ ۽ هند جي نامياري شاعر موتي پرڪاش جي شعرن جو مجموعو آهي جنهن جو عنوان موتي پرڪاش، پنهنجي همعصر ۽ نامياري شاعر شيخ اياز جي هن نظم تان کنيو آهي: ” رابيل رت، مايا نگر/ تنهنجيءَ ڳلي جون ڳالهڙيون“ هن ڊيمي سائيز جي 120 صفحن تي مشتمل ڪتاب جي قيمت 100 روپيا آهي. 2006ع ۾ ڇپيل هي ڪتاب جيون ڪلا پرڪاشن، آڌيپور (ڪڇ) مان ڇپايو ويو آهي. هي ڪتاب سنڌي قوم ۽ ساهت پريمين کي ڊاڪٽر رام بخشاڻيءَ پاران سوکڙيءَ طور ڇپائي پيش ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جو مختصر مهاڳ ”دل جي ڳالهه“ عنوان سان خود موتي پرڪاش لکيو آهي. جنهن ۾ هو لکي ٿو ته مون کي اهو مڃڻ ۾ عار نٿو ٿئي ته مون ٿورو لکيو آهي. ٿورو لکيو اٿم ۽ اُهو سٺو لکيو اٿم، اها هام به ڪين هڻندم فن يا ڪلا آهي. عميق سمجهه، جنهن جو پار به ڪونهي، انت به ڪونهي“. هن ڪتاب ۾ به موتي پرڪاش جا هائيڪو بيت وايون، غزل ۽ نظم شامل آهن.


لفظ تنهنجي ڳليءَ جون ڳالهڙيونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو